اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ کان ٽي سال اڳ ڪاري دور جو خاتمو ٿيو ۽ سوجهري جي اميد پيدا ٿي، انهي اميد جي ڪرن جو نالو تحريڪ انصاف آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عاشورا جي احترام ۾ اسان تحريڪ انصاف جي ٽي سالا ڪارڪردگي پيش ڪرڻ جو جا??ع پلان هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪيو آهي. انشاءُ الله ا??ند?? هفتي تفصيل سان ٻڌائينداسين ته تبديلي ڇا آهي.