اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پا??لي??مينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيهي پ??ڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ انصاف سدائين انهن کي ووٽ جو حق ڏي?? جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه اچي رهيو آهي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيهي پ??ڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پ??ڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پ??ڪستان جي معيشت کي بدلائي ڇڏيو آهي، 90 سيڪرو مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کان گهٽ رقم جو آهي، انهن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي انهن جي اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.