اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پ??ڪس??ان ?? مقبول ترين اڳواڻ آهي، پ??ڪس??ان جي عوام کيس ووٽ ڏنو ۽ ان جي پرستار آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به وزيراعظم عمران خان ڪاميابي حاصل ڪندو، چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڪووڊ – 19 بحران جي باوجود ملڪ جي واڌ جي شرح 3.94 سيڪڙو آهي، تقريبن 1100 ارب روپيا اربن اڪانومي کان هلندڙ اڪانومي ۾ منتقل ٿي، هن سال چار بمپر فصل ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، عمران خان گذريل عام چونڊن ۾ لکين ووٽ حاصل ڪيا، هو هڪ ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم آهي، وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا اجتماعي فيصلا ڪندا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 جي حوالي سان پ??ڪس??ان جو رد عمل پوري دنيا ۾ سڀ کان بهتر رهيو آهي، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ريمارڪس جو حوالو ڏنو ته ”وبا بابت پ??ڪس??ان دنيا جي لاءِ مثال قائم ڪيو، پ??ڪس??ان دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو“ هن چيو ته اهي لفظ ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اظهار ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ 5.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وئي آهي، عوام کي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان پ??ڪس??ان دنيا جي صف اول جي 34 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن انداز سان اسان هلي رهيا آهيون، اسان ويڪسينيشن جي هدفن کي جلد حاصل ڪري وٺنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پ??ڪس??ان جي ڪاميابي جزوي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي آهي جنهن بهتر طريقي سان ڪم ڪيو، پ??ڪس??ان ۾ خطي جي ڪنهن حي ملڪ جي مقابلي ۾ صورتحال ڪافي بهتر آهي.