اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سندس حڪومت مافيا ۽ طاقتور طبقي جي خلاف وڙهي رهي آهي، هيستائين 27 ارب ر??يا ماليت جي 21000 ايڪڙ سرڪاري زمين قبضا مافيا کان ڇڏرائي وئي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پي ٽي وي تي ”توهان جو وزيراعظم توهان س??ن گڏ“ پروگرام ?? سڌوسنئون عوام جي سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو.