اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان اقتصادي مشاورت?? ڪائونسل کي عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ بدران رليف فراهم ڪرڻ لاءِ آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪرڻ ۽ معاشي استحڪام ۽ پيداوار گروٿ لاءِ روڊ ميپ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت اقتصادي مشاورتي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪئي. و??ير??عظم وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڀني ميمبرن کي اڪنامڪ ايڊوائيزر?? ڪائونسل ۾ آجيان ڪندي ناڻي واري وزير کي هدايت ڪئي ته ملڪي معيشت جي حوالي سان اهم معاملن تي تجويزون پيش ڪندڙ ان ڪائونسل کي مڪمل طور تي فعال هجڻ کي يقيني بڻايو وڃي، و??ير??عظم چيو ته اڪنامڪ ايڊوائيزر?? ڪائونسل جي قيام جو مقصد ملڪي معيشت کي پائيدار بنيادن تي هموار ڪرڻ جي حوالي سان ناليوارن معاشي ماهرن جي تجويزن مان فائدو وٺڻو آهي. و??ير??عظم معاشي مسئلن جو ذڪر ڪندي چيو ته مشڪل معاشي حالتن جي پيش نظر عوام تي ٽيڪسن جو وڌيڪ بار وجهڻ بدران آڊٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن ان سان جتي عوام کي رليف ميسر اچي اتي معيشت جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائي سگ??جي. و??ير??عظم چيو ته حڪومتي ڪوششن جي ڪر?? ڪاروباري فضا بهتر ٿي ۽ ڪاروباري برادري جو اعتماد بحال ٿيو آهي، هن چيو ته حڪومت جي هر ممڪن ڪوشش رهي آهي ته بزنس ڪميونٽي جي مشاورت سان نه رڳو پاليسيون جوڙيون وڃن پر انهن پاليسين جو تسلسل يقيني بڻايو وڃي.