اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نه پاڻ ڪرپشن ڪندو آهي ۽ نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندو آهي، حڪومت پي ڊي ايم جي ڪري دٻاءُ ۾ نه ايندي، عوام ڪرپشن جي خلاف ٻاهر نڪرندي آهي ڪرپشن کي بچائڻ جي لاءِ نه، ما??ي جون حڪومتون انصاف جي رستي ۾ رڪاوٽون وجهنديون رهيون، گذريل حڪومتن جي ڪري ملڪ جو پئسو ضايع ٿيو، اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان جي عوام جو لُٽيل پسئو واپس آڻيون، نديم افضل چن جو پارٽي سان ڪو به اختلاف نه آهي نه ئي حڪومت ان کان ناراض آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئن?? جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.