اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي واضح هد??يت?? تي سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي پاڪستان سٽ??زن پورٽل، ڪامياب جوان پروگرام جهڙن قدمن ذريعي معاشري جي هر طبقي کي سهولتون ڏئي رهيا آهيون، عوامي خدمت جي انهن قدمن سان حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا ختم ٿي ويا آهن، شهري گهر ويٺي پنهنجون شڪ??يت??ن داخل ڪرائين ٿا، جيڪي وزيراعظم آفيس مان لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃن ٿيون، ڪامياب جوان پروگرام ۽ سٽ??زن پورٽل جهڙن عوامي خدم??ن جا منصوبا ڪاميابي سان جاري آهن. هو وزيراعظم آفيس ۾ پاڪستان سٽ??زن پورٽل جي هيلپ لائين جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز بٽڻ دٻائي پاڪستان سٽ??زن پورٽل جي هيلپ لائين 9000111 – 051 جو باقاعده افتتاح ڪيو. پاڪستان سٽ??زن پورٽل جي عملدارن وزيراعظم کي هيستائين پورٽل تي رجسٽرڊ ٿيندڙ ماڻهن جي انگ، شڪ??يت?? ۽ ازالي بابت معاملن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان سٽ??زن پورٽل جي ٽيم ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن ان پورٽل ذريعي پنهنجون شڪ??يت??ن داخل ڪيون آهن، ان تي سٽ??زن پورٽل جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي خواهش آهي ته عوام پاران حڪومتي ادارن جي حوالي سان شڪ??يت?? کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، جيڪي ماڻهو معاشي سببن يا مختلف رڪاوٽن جي ڪري ادارن ۾ وڃي شڪ??يت??ن داخل نه ٿا ڪرائي سگهن، انهن جي لاءِ هي بهترين فورم آهي ته گهر ويٺي شڪ??يت??ن ڪري سگهجن.