اسلام آ??اد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ڏکڻ بلوچستان ايم 8 سيڪشن جي تعمير س??ن خطي ۾ معاشي انقلاب ايندو، هي اهو منصوبو آهي جنهن جي عوام ڏهاڪن کان منتظر هئي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عاصم سليم باجوه چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي اهم منصوبي ڏکڻ بلوچستان ايم 8 سيڪشن جي تعمير جي لاءِ ٽينڊر جاري ڪيو ويو آهي. ان سان گوادر بندرگاهه سان رابطي ۾ بهتري ايندي. ان سان علائقي جي عوام جي ڊگهي مح??ومي جو ازالو ٿيندو. هي اهو منصوبو آهي جنهن جي عوام ڏهاڪن کان منتظر هئي.