اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ??ان??ين جي فروغ لاء?? نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي سطح تي ٽيلينٽ هنٽ ۽ مقابلا سازي جي لاءِ تنظيمي ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ضروري آهي، قومي ۽ روايتي ??ان??ين ۾ نمايان ڪ??رڪ??دگي ڏيکاريندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ ??ان??يگرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هو هتي ملڪ ۾ ??ان??ين جي فروغ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ وزيراعظم جي ملڪ ۾ ??ان??ين جي فروغ، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي ويزن جي روشني ۾ نئين سر تنظيم سازي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستاني اسپورٽس بورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي ۽ پيشيوراڻي مينيجمينٽ ڪنسلٽنٽس جي سفارشن جي روشني ۾ نئون تنظيمي ڍانچو جوڙيو پيو وڃي، بين الصوبائي رابطن واري وزير اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ڪوچنگ سينٽرز ۾ ??ان??ين جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي بحالي، اداري جي اسپيشل آڊٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ نمايان بهتري جي حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ نماين گهٽتائي، سفارشي ڪلچر جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي منافعي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مستحق ??ان??يگرن کي گرانٽس جي مد ۾ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪووڊ 19 جي مدد به شامل آهي