اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪي??َ جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چئي. ترڪي??َ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيرا??ظم عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خ??اه??ن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آيا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪي??َ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظر سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪي??َ جي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيرا??ظم ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيرا??ظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.