چلاس – 15 جولاءِ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور تي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان س??يت ملڪ جي پٺت?? پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترقي ??ي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پن بجلي ج?? پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بج?? پيدا ٿيندي، ??ن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نو??ن موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪن ??يون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ??يون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترقي تي سيڙپڪاري ڪن ??يون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئي ڪن ??يون ۽ اهي ظلم کان آزاد ٿي وڃن ٿيون.