اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي ڏهاڙي تي باني اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي والاريل ڪشمير جي عوام سان اڻٿڪ حمايت جو اعلان ڪيو آهي جيڪي گذريل 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان غيرانساني لاڪ ڊائون ۽ مواصلاتي بندش جو شڪار آهن. صدر عارف عل??ي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي يقي?? ڏياريان ٿو ته پاڪستان انهن سان ڪل??وڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ انهن جي جائز خودمختياري جي حق لاءِ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.