اسل??م آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ف??دوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بيانيو ترقي يافته ۽ روشن پاڪستان جو بيانيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي سرزمين تي بيهي دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، صدر ٽرمپ جو بيان سفارتي حوالي سان انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسپورٽس بورڊ اسل??م آباد ۾ جاپ??ن ڪراٽي ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي اهتمام هيٺ ڇهين جي ڪي نيشنل ڪراٽي ڪيمپ جي عنوان سان ايجوڪيشن ورڪشاپ کي خطاب ڪ??دي ڪيو.