اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جديد سائنسي ايجاد?? جي تعميري ۽ ذميداراڻي استعمال کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مصنوعي ذهانت سان امڪانن ۽ موقعن ۾ سگهه پيدا ٿي آهي، اڄ دنيا ۾ سرمائي جي طاقت جهوريتن کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، عالمي برادري پاران ڪشمير جي مسئلي تي اصولي فيصلو نه ڪرڻ سان پاڪستا?? جي عوام مايوس آهي، پاڪستان جنگ ۾ يقين نٿو رکي، پر اسا?? جي جوهري صلاحيت ??من ۽ پنهنجي دفاع لاءِ ضروري آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن قائداعظم يونيورسٽي ۾ عالمي اپلائيڊ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.