اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور ۽ محروم طبقن جي سرپرستي ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي، تعليم تائين پهچ آسان بنائڻ لاءِ وظيفن جي وڏي اهميت آهي، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پراجيڪٽ موجوده ??ڪومت جو وڏو قدم آهي، جنهن تحت 50 هزار ضرورتمند شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليمي وظيفا فراهم ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ مي??ٽ ۽ شفافيت کي هر صورت ۾ يقيني بنايو ويندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن هائي?? ايجوڪيشن ڪميشن ۾ 27 هين احساس انڊرگريجويئٽ اسڪالرشپ بابت وائيس چانسلر ڪميٽي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو.