اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان سٽيزن پورٽل تي شهرين پاران داخل ڪيل شڪايتن لاءِ جوڙيل طريقيڪار موجب نه اڪلائڻ يا حل ۾ دير جو سخت نوٽيس وٺن??ي سمورين وزارتن کي هدايت ڪئي آه?? ته لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس پاران سمورين وزارتن ۽ ڊويزنن کي لکيل خط موجب ڪجهه آفيسرن جي ڪارڪردگي جي جائزي کانپوءِ ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو آه?? ته شڪايتن کي نه ئي جوڙيل طريقيڪار موجب اڪلايو ويو ۽ نه ئي مناسب ??طح تي انهن جي ازالي لاءِ ڪو فيصلو ڪيو ويو.