ننڪانه صاحب – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکي ڇڏيو آهي، جنهن سان سا?? سک برادري سان ڪيل هڪ ٻي واعدي جي پڄاڻي ٿيندي، بابا گرو نانڪ يونيورسٽي جي سنگ بنياد جي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار، گهرو وفاقي وزير اعجاز شاهه ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردو?? عاشق اعواڻ کانسواءِ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.