اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي م??ر علي ۾ آپگهاتي حملي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ معص??م شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو ته پوليس اهلڪارن ??ي حملو انتهائي بزدلاڻو قدم آهي. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي م??جب صدر مملڪت آصف علي زرداري پوليس چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صدر مملڪت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدمن ک??ڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. صدر مملڪت شهيد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي وارثن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.