اسلام ??با?? – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) ۾ تعميري تبديلي حڪومت جي ترجيح آهي ۽ اسان فاٽا کي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جا خواهشمند آ??يون، سمورن سماجي شعبن ۾ فاٽا جي رهواسين سان هڪجهڙي سلوڪ کي يقيني بڻايو ويندو. هن اها ڳالهه فاٽا سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي مي??بر?? سان ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪندڙن ۾ سينيٽر هدايت الله، حاجي مومن خان آفريدي، اورنگزيب خان، هلال الرحمان، سجاد حسين طوري، محمد صالح شاهه، تاج محمد آ??ريدي ۽ ملڪ نجم الحسن شامل هئا. فاٽا جي سينيٽرن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي وزارت ع??ميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني.