فيصل آباد – 03 سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي توانائي ۽ معاشي ب??رانن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ قدم نه کڻڻ تي گذريل حڪومتن جو احتساب ٿجڻ گهرجي جنهن سبب قوم اونداهي ۾ ٻڏل رهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? فيصل آباد ۾ ستاره ڪيميڪلز انڊسٽريز لميٽيڊ پاران 40 ميگاواٽ جي 3 ارب رپين جي ??اڳت سان هنيل ڪول بجلي منصوبي جي افتتاح جي ??وقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ميان محمد ادريس جو والد غريبن جي خيرخواهه هو، هن ڪيترائي فلاحي ادارا قائم ڪيا، فيڊريشن آف چيمبرز ۽ ڪامرس جي ??اءِ ميان ادريس جا قدم ساراهه جوڳا آهن، ڪيترائي سال اڳ لڳندڙ ستاره ڪيميڪلز جو ٻوٽو وڌي اڄ وڏو وڻ ٿي چڪو آهي، دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي سندس مقدر آهي.