لاهور – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي ??اء?? رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مفتي اٽي جي ورڇ شفاف طريقي سان بڻائي وڃي، رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو، اٽي جي فراهمي دوران چوري روڪڻ جي ??اء?? جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾پنجاب حڪومت پاران رمضان ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ ??ملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قبول نه آهي، مفت اٽي اسڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس ذريعي جانچي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگرام تي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مفت اٽي جي ورڇ 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي ورڇ 8 هزار 500 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ڪئي وڃي. عوام جي سهولت جي ??اء?? اٽي جي ورڇ جا وڌيڪ 20 هزار پوائنٽس قائم ڪيا وڃن.