اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي ??ي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته وچولي ۽ گهٽ آم??ني وارن خاندانن جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم جي انهن جي درن تي فراهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو ته هن اڄ وفاقي گادي واري شهر ۽ ان جي ڀ??پا??ي جي لاءِ اسڪول آن ويلز جهڙي منفرد منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي جنهن سان وچولي ۽ گهٽ آم??ني وارن خاندانن جي ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم انهن جي گهر جي درن تي فراهم ٿيندي. وزي??اع??م چيو ته تيزي سان وڌندڙ ملڪي ابادي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي هر شعبي ۾ اهڙن منفرد منصوبن جي ضرورت آهي، اهي موبائيل اسڪول گهٽ لاڳت تي ڪنهن به معياري اسڪول جهڙي تعليم فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته ان منصوبي تحت بسن جي انگ کي جلد 8 مان وڌائي 16 ڪيو ويندو.