پشاور – 03 – فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ايپڪس ڪميٽي قوم کي يقين ڏياريو آهي ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ د??شت??ردن کي ع??رت جو نشان بڻائينداسين، هر قيمت تي قوم جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائيندي ان جي اميدن ۽ اعتماد تي پورو لهنداسين، خيبرپختونخواهه ۾ فوري طور تي سي ٽي ڊي هيڊڪوارٽر تعمير ۽ پنجاب صوبي جي طرز تي جديد فارنزڪ ليبارٽري قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ سيف سٽي منصوبو شروع ڪيو ويندو. اجلاس د??شت??ردي جي خاتمي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هڪ سوچ، هڪ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ۽ ملڪ جي اندر د??شت??ردن جي معاونت ڪندڙ سمورا ذريعا ختم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس گورنر هائوس پشاور ۾ ٿيو. و??ير??عظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس د??شت??ردي جي واقعن خاص طور تي 30 جنوري 2023ع تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ خودڪش حملي ۽ ان کانپوءِ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. حساس ادارن جي نمائندن سيڪيورٽي جي مجموعي صورتحال، د??شت??ردن جي خلاف ڪاررواين تي اجلاس کي بريفنگ ڏني جڏهن ته ??يبرپختونخواهه جي انسپيڪٽر جنرل معظم جاهه انصاري پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي هيستائين جي جاچ ۽ ٿيندڙ اڳڀرائي کان اجلاس کي آگاهه ڪيو. هن اجلاس کي ٻڌايو ته ??ملي آور جي اچڻ جي طريقيڪار ۽ جنهن رستي تان هو آيو، وڊيوز جي ذريعي ان جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ پشاور پوليس لائينز جي شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي وئي. اجلاس متاثر خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي يقين ڏياريو ته ??نهن جي پيارن جو خون رائيگان نه ويندو، حڪومت ۽ قوم شهيدن جي پونئيرن سان گڏ آهي. اجلاس قوم کي يقين ڏياريو ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ د??شت??ردن کي ع??رت جو نشان بڻائينداسين، معصوم پاڪستانين تي حملو ڪندڙن کي هر صورت ۾ سزا ڏني ويندي. اجلاس پڪي ع??م جو اظهار ڪيو ته هر قيمت تي قوم جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، انهن جي اميدن ۽ اعتماد تي پورو لٿو ويندو. اجلاس د??شت??ردي جي خلاف بي مثال شجاعت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ تي پاڪ فوج، رينجرز، ايف سي، سي ٽي ڊي، پوليس سميت سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سلام پيش ڪيو ۽ ان دوران شهادت ماڻيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ان عزم کي ورجايو ويو ته ??هيدن جون قربانيون ۽ د??شت??ردي جي خلاف هيستائين حاصل ٿيندڙ ڪاميابين کي رائيگان وڃڻ نه ڏنو ويندو. اجلاس سمورن طبقن خاص طور تي ميڊيا کي اپيل ڪئي ته ????شت??ردي جي واقعن بابت جهڙي طرح اڳ ۾ قومي ذميواري جو رويو اختيار ڪيو انهي ذميواري سان بي بنياد قياس آرائيون خاص طور تي سوشل ميڊيا تي ڦهلائڻ جو حصو نه بڻجن. اهو طرزعمل قومي سلامتي جي گهرجن، قومي يڪجهتي، اتحاد جي لاءِ نقصانڪار آهي. اجلاس نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ۽ درپيش موجوده حالتن موجب ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو. اجلاس نيڪٽا، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن، تربيت، هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ ٻين ضروري ساز ۽ سامان جي فراهمي جي حوالي سان تجويزن جي اصولي منظوري ڏني. فيصلو ڪيو ويو ته ??يبرپختونخواهه ۾ فوري طور تي سي ٽي ڊي هيڊڪوارٽر تعمير ۽ پنجاب صوبي جي طرز تي خيبرپختونخواهه صوبي ۾ جديد فارنزڪ ليبارٽري قائم ڪئي وڃي. خيبرپختونخواهه ۾ اسلام آباد ۽ لاهور وانگر سيف سٽي منصوبو شروع ٿيندو جڏهن ته پوليس، سي ٽي ڊي جي تربيت، صلاحيت ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ جديد اوزار فراهم ڪيا ويندا. اجلاس ۾ بارڊر مئنيجمينٽ ڪنٽرول ۽ اميگريشن جي نظام جي حوالي سان جائزو ورتو ويو، د??شت??ردن جي خلاف جاچ، پراسيڪيوشن ۽ سزا ڏيارڻ جي مرحلن تي پڻ غور ڪيو ويو. ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ويو ته ????شت??ردي جي خاتمي لاءِ رياست جي سڀني ڌرين کي هڪ جهڙائي، حصيداري عمل ۽ گڏيل قومي هدف حاصل ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ گهربل قانونسازي ڪئي ويندي. اجلاس د??شت??ردي جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ هڪ سوچ، هڪ حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اصولي اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ موثر حڪمت عملي جي تياري جي هدايت ڪئي. اجلاس ملڪ جي اندر د??شت??ردن جي معاونت ڪندڙ سمورا ذريعا ختم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ۽ ان ڏس ۾ اسڪريننگ جي موثر ڪارروائي جي هدايت ڪئي. اجلاس اهو به طئي ڪيو ته ????شت??ردي جي هر قسم ۽ هر شڪل جي لاءِ زيرو ٽالرنس جو رويو قومي نصب العين هوندو. قومي اتفاق راءِ سان انهن فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. اجلاس و??ير??عظم محمد شهباز شريف پاران اي پي سي گهرائڻ جي فيصلي کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ????شت??ردي جي خاتمي لاءِ سموري قومي سياسي قيادت هڪ ميز تي ويهندي ۽ قومي اتفاق رءِ جي ذريعي قدمن جو فيصلو ڪندي. اجلاس عالم سڳورن ۽ ديني ۽ مذهبي اڳواڻن کي پڻ اپيل ڪئي ته ??هي د??شت??ردي جي خاتمي لاءِ ممبر ۽ محراب جو فورم استعمال ڪن. پيغام پاڪستان ۽ دين ۾ رهنمائي ڪندڙ ٻين معتبر ادارن جي واضح اعلانن سان عوام کي آگاهه ڪن ته ??هڙا حملي قطعي طور حرام ۽ قرآن ۽ سنت جي خلاف آهن، بيگناهن جو رت وهائيندڙن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سينيٽر اسحاق ڊار، راڻا ثناءُ الله خان، سينيٽر اعظم نذير تارڙ، مولانا اسعد محمود، امين الحق، مفتي ع??دالشڪور، مريم اورنگزيب، و??ير??عظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي، خيبرپختونخواهه جي نگران وڏي وزير اعظم خان، پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم سردار تنوير الياس، سياسي پارٽين جي اڳواڻن، علائقي جي نمائندن، ديني اڳواڻن، حساس ادارن جي نمائندن، پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، حساس سول ۽ عسڪري ادارن جا سربراهه، گهرو وزارت جو وفاقي سيڪريٽري، سمورا چيف سيڪريٽريز، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان، اسلام آباد سميت سمورن صوبن جا آءِ جي پوليس ۽ نيڪٽا جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر پڻ اجلاس ۾ موجود هئا.