اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير وزيراع??م کي قطر جي امير جو نيڪ خواهشن جو خصوصي پيغام پهچايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخ جي ڪامياب ترين فيفا ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي قط?? کي مبارڪباد ڏني ۽ ورلڊ ڪپ دوران فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪ??ڻ تي پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي اهم ڪ??دا?? کي ساراهيو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم انهن لاڳاپن کي ٺوس اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪ??ڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي ان سلسلي ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي شعبن ۽ ??فر??دي قوت جي اهميت کي اجاگر ڪيو. قطر نار خطي ۾ پاڪستانين جي هڪ وڏي آبادي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان ۽ قطر جا لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو تعاون ڪن ٿا.