اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان اسرندڙ ملڪن جي ??نظيم جي – 77 ۽ چين جي چيئرمين شپ باضابطا طور تي ڪيوبا جي ??والي ڪري ڇڏي. 134 رڪني گروپ جي چيئرمين شپ جي منتقلي جي ٽرسٽي شپ ڪائونسل ۾ منعقد ٿيندڙ تقريب کي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وڊيو خطاب ڪيو. هن چيو ته هو گروپ جي چيئرمين شپ ڪيوبا جي ه?? منصب ۽ پنهنجي ??وست برونوروڊ ريگوئيز پارلا کي منتقل ڪرڻ تي فخر محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي گ??يل عزم ۽ اتحاد تي ٻڌل ڪوششن جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. پرڏيهي وزير جي ??طاب کانپوءِ گ??يل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گروپ جو ”گريول“ ڪيوبا جي پرڏيهي وزير جي ??والي ڪيو. گروپ جي نئين چيئرمين پنهنجي ??طاب ۾ 2022ع دوران گروپ جي ??اندار قيادت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. پاڪستان ان گروپ جي ??اني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ هن گروپ جي چيئرمين شپ 14 جنوري 2022ع تي سنڀالي هئي. پاڪستان جي چيئرمين شپ جي مدي دوران گروپ ترقي کي گ??يل قومن جي ??يجنڊا ۾ مرڪزي اهميت ڏياري ۽ اسرندڙ ملڪن جي ڪوويڊ 19 جي ??المي وبا، ماحولياتي تبديلين جي وڌندڙ منفي اثرن، اقتصادي عدم توازن، قرضن جي ??حران، مهانگائي، غذائي عدم تحفظ ۽ تڪرارن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي ??طاب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ان کان اڳ 3 ڀيرا گروپ جي قيادت ڪري چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي قيادت ۾ گروپ مٿي ڄاڻايل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم معاهدن ۽ منظم ردعمل کي حتمي شڪل ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ان ۾ فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ فورم ۾ پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جو معاهدو، اعليٰ سطحي سياسي فورم ۾ پائيدار ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ جي ??ريقن تي بحث، گ??يل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ وڏي اقتصادي، ترقياتي ۽ ماحولياتي معاملن تي اتفاق راءِ، ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ جو تاريخي فيصلو ۽ گذريل مهيني گروپ جي وزارتي ڪانفرنس ۾ غذائي، ٻارڻ ۽ مالياتي بحرانن جي ??ثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري ۽ ڍانچاجاتي قدمن تي هڪ موقف تي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ خاص طور تي قابل ذڪر آهن جن سان پائيدار ترقياتي هدف 2030ع ۽ ماحولياتي تحفظ جي لاءِ پيرس معاهدي تي اڳڀرائي ۾ مدد ملي آهي. اهي قدم ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اتحاد ۽ گ??يل ڪوششن سان اسان ترقي ۽ خوشحالي جي ??والي سان درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گهربل فيصلا ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گروپ جي ميمبرن کي گ??يل اتحاد، تعامل ۽ گ??يل ڪوششن کي جاري رکڻو پوندو ته جيئن پائيدار ترقياتي هدفن تي ه??ندڙ سال ٿيندڙ سربراهي اجلاس ۽ ڪوپ 28 ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن. ان سلسلي ۾ گروپ جي مالي مشڪلاتن جو شڪار 60 ميمبر ملڪن جي قرضن ۾ ريليف ۽ ري اسٽرڪچرنگ، هڪ سئو کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن کي گهربل مالياتي رعايتن ۽ ليڪويڊٽي جي فراهمي جي لاءِ غيراستعمال ٿيل ايس ڊي آرز جي ??ي چينلنگ، بک جو شڪار 25 ڪروڙ ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي، ماحولياتي تبديلين جي ??طرن جو شڪار ملڪن جي مدد ۽ قدرتي آفتن سان تباهي کانپوءِ انهن جي نئين سر تعمير ۾ معاونت خاص طور تي قابل ذڪر آهن.