اسلام ??باد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 27 ڊسمبر 2007ع عوام ??ي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽوجي تاريخي خدمتن تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وز??راعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي جنهن عوام ??ي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي، 27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن عوام ??ي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ناقابل فراموش ڏينهن آهي. وز??راعظم چيو ته اسلماي دنيا جي پهرين عورت وز??راعظم بينظير ڀٽو جي سڄي عمر مسلسل جدوجهد جي ولولي انگيز داستان آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي لاءِ محترمه بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي سربلندي، آمريت جي خلاف سندس عزم ۽ نڊر عوامي ۽ سياسي تحريڪ تاريخ جو قابل فخر ۽ سنهرو باب آهي. وز??راعظم شهباز شريف چيو ته قائد محمد نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام کي مثاق جمهوريت جو تاريخي تحفو ڏنو، ملڪ جي سياست ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، ميثاق جمهوريت اسان جي اڳواڻن جي سياسي بصيرت جو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي جنهن س??ن پاڪستان ۾ هڪ نئين سياسي ڪلچر ۽ روايت جي شروعات ٿي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردي جي خلاف جرئتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. وز??راعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي پڪي عزم جو ثبوت آهي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪي دفاع جي مضبوطي، آئيني ادارن جي تقويت ۽ سماجي ڀلائي جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانج??م ڏنيون. وز??راعظم چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت گهرڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽوجي سمورن واڳيلن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.