اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? شرم الشيخ ڪانفرنس ۾ آفتن سان ٿيندڙ زيان ۽ نقص??ن جي ايجنڊا کي موثر طريقي سان اجاگر ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، اهو هڪ تاريخي قدم آهي، پاڪ??تا?? جو ڪيس موسمياتي انصاف آهي خيرات نه آهي، ترقي يافته ملڪن پاران ماحولياتي تبديلين جي چئلينج کي قبول ڪرڻ خوش آئنده آهي، جڏهن ته ان ڏس ۾ ڪيل واعدن کي عملي شڪل ڏيڻ ضروري هوندو. هو شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس دوران پاڪ??تا?? جي ڪامياب موسمياتي سفارتڪاري تي لاڳاپيل ادارن ۽ عالمي حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهڻ جي لاءِ منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪ??تا?? کي تازي ٻوڏ سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1800 فوتگيون ٿيون جڏهن ته زراعت، صنعت، لائيو اسٽاڪ، انفراسٽرڪچر سميت 30 ارب ڊالر جي نقص??ن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جي ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪندڙ سمورن م??ڪن جا ٿورا مڃون ٿا، مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڪئي ويندڙ مدد سدائين ياد رکي ويندي. وزيراعظم چيو ته پاڪ??تا??جي اندر به سرندي وارن ۽ فلاحي ادارن متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي، اهڙي طرح سمورين صوبائي حڪومتن خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچ??تا?? جي حڪومتن متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي. هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ جي صوبائي ادارن جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪوپ 27 جي عالمي فورم تي پاڪ??تا?? جو موقف اجاگر ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري برساتن سان پاڪ??تا?? ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي جڏهن ته موسمياتي تبديلين جو سبب بڻجندڙ گئسن جي اخراج ۾ پاڪ??تا?? جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اس??ن جي خواهش ۽ دعا آهي ته جيڪو پاڪ??تا?? ۾ ٿيو اهو ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ٿئي جڏهن ته اها تلخ حقيقت آهي ته موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ??ن جي نتيجن ۾ رونما ٿيندڙ آفتون سرحدن جون پابند نه آهن. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو پاڪ??تا?? جو آواز عالمي سطح تي ٻڌو ويو ۽ ??ن جي ڪوششن جي ڪري لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آيو، ان حوالي سان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ۽ ماحولياتي تبديلين واري وزير شيري رحمان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جو ڪيس موسمياتي انصاف جو آهي خيرات جو نه آهي. هن چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته ترقي يافته دنيا موسمياتي تبديلي جي چئلينج جي اهميت کي تسليم ڪيو آهي ۽ شرم الشيخ ۾ شاندار معاهدو طئي ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ آندو ويو جڏهن ته معاهدن تي عملدرآمد جي وڌيڪ اهميت هوندي ان م??قعي تي وزيراعظم شرم الشيخ ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي لاڳاپيل وزارتن ۽ عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو. ان م??قعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.