استنبول – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان ترڪيه جي فلمي صنعت جي نمائند?? جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڊرامن ۽ فلم جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاڪستاني فلم?? جي نمائش جي لاءِ ترڪيه ۾ فلم?? ميلي ۾ پاڪستا?? جي شرڪت جو اعلان ڪيو. فلم?? ميلي جي تاريخ جو تعين ايندڙ هفتي ترڪيه ۾ فلم?? ميلي جي انعقاد جي حوالي سان اجلاس ۾ ڪيو ويندو. ان موقعي تي وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ ٽي نيون فلمون فيسٽيول ۾ پيش ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ گڏيل منصوب?? جي لاءِ فزيبلٽي تيار ڪئي ويندي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جديد ترين فلم پراسيسنگ ليب جي قيام ۾ تعاون، ترڪيه جي يونيورسٽين سان گڏ تعليمي نصاب ۾ فلم سازي ۽ اداڪاري جي مضمون شامل ڪرڻ جي لاءِ تعاون تي به اتفاق ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1970ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان دنيا جو ٽيون سڀ کان وڏو فلم ٺاهيندڙ ملڪ هو. هن چيو ته 2008ع ۾ فلمي صنعت جي بحالي جو ڪم شروع ٿيو، اسان ملڪي تاريخ جي پهرين فل?? اينڊ ڪلچر پاليسي تشڪيل ڏني. فلمي صنعت کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ، نيون فلمون ٺاهڻ جي لاءِ مالي مدد جون سهولتون ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ فلم?? جي تياري تي 70 سيڪڙو تائين ٽيڪس ۾ رعايت ڏني وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلم جي ڪهاڻي، معيار، جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال، قومي فلم پاليسي جو حصو آهي، ان کانسواءِ نئين سئنيما گهر?? جي قيام، بحالي ۽ فنڪارن کي مراعتون ڏيڻ جي لاءِ قدم به کنيا آهن. هن چيو ته فلم ۽ سياحت جي شعبي ۾ پاڪستا?? جي 70 سيڪڙو نوجوانن کي شامل ڪرڻ جو هي بهترين موقعو آهي. نوجوان?? جي لاءِ فلمي شعبي ۾ انٽرنيشنل ورڪشاپ منعقد ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ بهترين ساک جي حامين پروڊيوسرز کي گهرائينداسين. مريم اورنگزيب چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي عالمي سطح تي تشخص بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جا اتريان علائقا قدرتي حسن سان مالامال آهن، ترڪيه جا فلمساز انهن قدرتي سياحتي علائقن ۾ فلمبندي ڪري سگهن ٿا. وفد ترڪيه جي فلمي صنعت پاران پاڪستان سان گڏ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪندي چيو ته ترڪيه ۾ قائم نائيدرلينڊز، ترڪيه ۽ فرانس جي بهترين ڪمپنين فلم پراسيسنگ ليب ۾ ٽيڪنيڪي معاونت فراهم ڪري سگهن ٿا.