ڪراچي R11; 12 سيٽپمبر(اي پي پي) پاڪ فضائيه خيبرپختونخواهه، بلوچستان، سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ريسڪيو ۽ بحالي جي عمل لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي. پاڪ فضائيه طرفا?? جاري پڌرائي مطابق پاڪ فضائيه جا هوائي ٻيڙه ۽ هيليڪاپٽرن ٻوڏ متاثرين کي محفوظ انخلا سميت کادي پيتي جي سامان ۽ طبي سامان جي ايئر ڊراپ ذريعي ترسيل ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ فضائيه جون ميڊيڪل ٽيمون ٻوڏ متاثرن جي مشڪلات کي ??هٽ ڪرڻ لاءِ فلڊ ريليف ڪيمپن ۾ مسلسل طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورت مند خ??ندانن ۾ 22 هزار 785 پچيل کادي جا پيڪٽ، 250 پاڻي جون بوتلون ۽ 1380 بنيادي غذائي جنسن تي ٻڌل خشڪ راش?? جا پيڪٽ ورهايا. مفت خوراڪ ۽ رهائش جي فراهمي جي علاوه پاڪ فضائيه جي فلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ميڊيڪل ٽيمن 1389 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو آهي.