پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي اٽڪل سڀني ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي بحال ??ئي وئي آهي. سوات ۽ـ باجوڙ جي ڪجهه ٻوڏ سٽيل علائقن کانسواءِ ڪي پي ڪي جي سڀني ضلعن ۾ بجلي بحال ??ئي وئي آهي جنهن ۾ پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدار ۽ فيلڊ اسٽاف تعريف جا حقدار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ م??اث?? گرڊ ا??ٽي??نز، فيڊرز، ٽرانسميشن لائنن ۽ ٿنڀن سميت بجلي جي بنيادي ڍانچي کي ??هتل نقصان کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي حوالي سان پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صد??رت کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدارن کي ??دايت ڪئي ته مٿاهين سوات ۽ باجوڊ جي باقي رهيل ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جلد کان جلد بجلي بحال ??ئي وڃي. هن چيو ته 9 بند گرڊ ا??ٽي??نن مان 6 گرڊ ا??ٽي??نن تي بجلي بحال ??ئي وئي آهي، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ 126 م??اث?? ٿيندڙ فيڊرز مان 121 فيڊرز کي بحال ??يو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتل وفاقي وزير چيو ته تباهه ٿيل بجلي جي ٿنڀن ۽ ٽرانسميشنن لائنن کي ترجيحي بنيادن تي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو . هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪي پي ڪي جي ٻوڏ م??اث??ن لاءِ 10 ارب رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن م??اث?? آباديءَ کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ م??اث??ن کي بجلي جي بلن ۾ رليف جي فراهميءَ لاءِ قومي پاليسي بڻائي ويندي. هن چيو ته ڪي پي ڪي کانسواءِ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آهي. هن چيو ته بجلي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ ريڪوري وڌائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.