اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف آبادگارن کي ترجيحي بنيادن تي ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي ز??عي سڌارا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ز??عي شعبي جي سڌارن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾و فاقي وزيرن طارق بشير چيما، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مفتاح اسماعيل، خاص معاونين احد چيما، محمد جهازين خان جڏهن ته سمورن صوبن جي زراعت سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ز??عي سڌارن جي لاءِ مختلف شعبن جي 8 سب ڪميٽين جون وزيراعظم کي سفارشون پيش ڪيون ويون، انهن سفارشن ۾ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ٺوس منصوبابندي شامل آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي آبادگارن کي ضروري سهولتون فراهم ڪندي. حڪومت آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي وقت سر معياري ٻج، ڀا?? جي فراهمي يقيني بڻائيندي. آبادگارن کي غيرمعياري ٻج ۽ ز??عي دوائُون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جو خاتمو ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته مقامي سطح تي معياري ٻج جي پيداوار جي لاءِ ز??عي تحقيقي ادارن کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. حڪومت آبادگارن کي جديد مشينري ۽ قرضن ۾ سهولت جي فراهمي يقيني بڻائيندي. حڪومت ڪڻڪ ۽ ز??عي جنسن کي ذخيرو ڪر?? جي لاءِ سائيلوز جي تعمير تي ڪم ڪندي. ڪڻڪ جي فصل جي پوکيءَ کان اڳ پيداوا?? ۾ ??ي ايڪڙ يقيني بڻائڻ جا قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته ز??عي شين تي حڪومت پاران سبسڊي آبادگارن تائين پهچي. ز??عي منصوبابندي جي دوران موسمياتي تبديلي جي اثرن کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. آبادگارن کي زراعت جي عالمي سطح تي لاڳو جديد طريقيڪار کان روشناس ڪرائ?? جي لاءِ ٺوس آگاهي مهم هلائي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪڻڪ، ڪپهه، کاڄرو تيل، ڀاڻ، ز??عي تحقيقي، زراعت ۾ پاڻي جي استعمال، موسمياتي تبديلي ۽ ز??عي مشينري جي حوالي سان قائم سب ڪميٽين تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪيون. اجلاس ۾ اڳتي ڪڻڪ، ڪپهه ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار جي لاءِ قدمن، آبادگارن کي گهٽ لاڳت تي جديد مشينري، يوريا ۽ ڊي اي پي تي سبسڊي، متوقع پيداوار ۽ درآمدي معياري ٻج، پاڻي جي بهتر استعمال ۽ آبادگارن کي وقت سر قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سفارشون ڪيون ويون. وزيراعظم ??دايت ڪئي ته سمورن لاڳاپيل وزارتن کي انهن سفارشن مان ايندڙ فصل جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ز??عي سڌاراجاتي پلان جوڙين. وزيراعظم 2 ڏينهن جي اندر ان پلان کي پيش ڪر?? جي هدايت ڪئي. وزيراعظم تمام جلد ملڪ ۾ ز??عي سڌارن جي لاءِ ٺوس منصوبي جو اعلان ڪندو جنهن سان نه رڳو آبادگار خوشحال، ملڪي ز??عي پيداوار ۾ اضافو ۽ ز??عي جنسن جي درآمد ۾ گهٽتائي ٿيندي.