اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪ??م ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. اهرن خيالن جو اظهار هن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي ۽ معاشي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، عوام کي مهانگائي جي ڌٻڻ مان ڪڍڻ ۽ ملڪ ۾ معاشي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ضروري قدم بحث هيٺ آيا. وزيراعظم عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ مارڪيٽ ۾ ضرورت جي شين جي گهٽ اگهن ت?? دستيابي جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ان سلس??ي ۾ دستياب وسيلن کي بهتر طريقي سان استعمال ۾ آندو ويندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪ??م ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورين اتحادي پارٽين جو گڏجي ڪم ڪرڻ انتهائي ضروري آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ حڪومتي سطح تي سمورا فيصلا ڪندي قومي مفاد هر حال ۾ مٿانهون رکيو ويندو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ئي پا??ستان جي ترقي ۽ استحڪام جي ضامن آهي.