اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جمع??ت علماءِ اسلام (ف) جي سرب??اه?? مولانا فضل الرحمان وزيراعظم ??ائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف وزيراعظم ??ائوس اچڻ تي مولانا فضل الرحمان جي شاندار آجيان ڪئي. مولانا فضل الرحمان شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته توهان جي قيادت ۾ گڏيل دانش ۽ ڪوشش ملڪ ۽ قوم کي مشڪل مان ڪڍيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان کي خ??اج تحسين پيش ڪيو. مولانا فضل الرحمان وزيراعظم شهباز شريف جي عوامي خدمت ۽ مسئلن جي حل جي جذبي کي سا??اه??ندي چيو ته توهان ايندي ئي قوم کي ڏيکاري ڇڏيو آهي ته ان جو خادم ڪيئن ڪم ڪندو آهي. هن وزيراعظم کي يقيني ڏياريو ته ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي لاءِ اسان جو ڀرپور تعاون ۽ مدد توهان سان گڏ آهي ۽ رهندي. ٻنهي اڳواڻن اهم سياسي معاملن ۽ ڪابينا جي جوڙجڪ بابت معاملن تي مشاورت پڻ ڪئي.