اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته 90 لک اوورسيز پاڪستاني عمران خان تي ڀرپور اعتماد ڪندا آ??ن، اوورسيز پاڪستانيز اسان جو اثاثو آ??ن، اوورسيز پاڪستانيز ساليانو 30 ارب ڊالر پاڪستان موڪلي رهيا آ??ن، مريم صفدر اليڪشن ڪميشن اچي ثابت ڪري ڇڏيو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي?? پي ٽي آءِ پهريون ڀيرو پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ شروع ڪئي?? پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مملڪتي وزير فرخ حبيب اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ??الهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اوورسيز پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر موڪلي رهيا آ??ن، ن ليگ دور ۾ اهو مٽاسٽا جو ناڻو 18 ارب ڊالر هو، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئي ويندي آهي ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪئي آهي، اسان جا پيڊ ميمبر ساليانو جي بنياد تي ميمبرشپ ادا ڪندا آ??ن، اسان ??ي فارن فنڊنگ ڪندڙ ماڻهو اڄ منهنجي چوڌاري بيٺل آ??ن، اسان ??ي اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ وٺڻ جا طعنا ڏيندڙ ڏسي وٺن ته اسان ??ي ڪهڙا ڪهڙا پاڪستاني فنڊنگ ڏيندا آ??ن، مريم، بلاول، زرداري، شهباز شريف سميت ڪنهن کي انهن فارن فنڊنگ ڪندڙن سان ملڻو آهي ته اچي وڃن، مملڪتي وزير چيو ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي، ثابت ٿي ويو ته اڪبر ايس بابر ن ليگ جي ايزي لوڊ تي هلندو آهي، اڄ مريم صفدر پاڻ، اڪبر ايس بابر جي ڪيس جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آيل آهي، مريم صفدر کي چئلينج آهي ته هن وٽ فارن فنڊنگ جو رڪارڊ تائين نه آهي، فرخ حبيب چيو ته مريم ٻڌائي ته 65 ڪروڙ ڪٿان آيا، مئل ماڻهن جا اڪائونٽس 2017ع تائين ڪير هلائيندو رهيو، گذريل ٽن مهينن کان پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪائونٽس جي جاچ پڙتال تي هڪ اجلاس نه ٿي سگهيو، سڀني سان هڪجهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ اسڪروٽني ڪميٽي کي سمورو رڪارڊ ڏنو، مڪمل تعاون ڪيو?? پيپلزپارٽي پنهنجي 12 ڳجهن اڪائونٽن جي باري ۾ ٻڌائي، فضل الرحمان ??ير ٿيندو آهي جيڪو ادارن کي ڊڪٽيٽ ڪري، فضل الرحمان ليبيا کان فنڊنگ وٺندو رهيو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پيپلزپارٽي مارڪ سيگل کي يو ايس اي ۾ ڇو ادائيگيون ڪندي رهي، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي يو ڪي ۽ آمريڪا ۾ لميٽيڊ ڪمپنين جي طور تي رجسٽرڊ آ??ن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي فارن فنڊنگ ڪيس جي جلد ٻڌڻي ڪئي وڃي، اسڪروٽني ڪميٽي کي فوري فعال ڪيو وڃي ته جيئن ڪميٽي پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري، فرخ حبيب چيو ته مريم صفدر، فضل الرحمان، زرداري پنهنجي پارٽين جا کات?? کڻي اچن.