ماسڪو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي روس جي ٻن ڏ??نهن جي سرڪاري دوري تي ماسڪو پهچي ويو. وزيراعظم عمران خان جو ايئرپورٽ تي اچڻ تي روس جي نائب پرڏيهي و??ير ايگور مور گولٽو استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. وفاقي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي، چوڌري فواد حسين، اسد عمر، حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، قومي سلامتي و??رو صلاحڪار معيد يوسف ۽ عامر محمود ڪياني و??يراعظم سا?? گڏ آهن. روسي صدر ولادي مير پيوٽن جي خصوصي دعوت تي و??يراعظم عمران خان روس جو ٻن ڏ??نهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٻن ڏ??اڪن کانپوءِ پهريون پاڪستاني و??يراعظم آهي جيڪو روس جو دورو ڪري رهيو آهي. روس جي صدر پيوٽن ۽ وزيراعظم جي ملاقات ان دوري جو اهم ترين جز هوندو. صدر پيوٽن سا?? ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان عالمي ۽ خطي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ملاقات ۾ روس پاڪستان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي توانائي شعبي تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلامو فوبيا ۽ افغانستان جي صورتحال پڻ غور هيٺ آندي ويندي. وزيراعظم ماسڪو ۾ روس جي سڀ کان وڏي مسجد اسلامڪ سينٽر جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان سا?? اهم روسي قيادت بشمول نائب وزيراعظم، روسي سيڙپڪار ۽ واپاري ملاقات ڪندا. وزيراعظم جو دورو روس ۽ پاڪستان جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.