اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ حڪومت جي ??ولين ترجيحن ۾ شامل آهي، صنعتي ترقي کانسواءِ ڪو به ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي ملڪي صنعتي شعبي جي ??رقي لاءِ کنيل حڪومت جي قدمن ۽ اڳتي جي ????مت عملي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت صنعتي صلاحيت وڌائڻ ۽ سِڪ يونٽس جي ??حالي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اسان جي ??ڪومت ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي ??ي صنعت جي لاءِ ٺوس پا??يسي ڏني، حڪومت جي ڪاروبار دوست پا??يسين جي ڪري صنعتي شعبو ترقي ڪري رهيو آهي، صنعتن جي مڪمل صلاحيت تي هلڻ جي ڪري روزگار ۾ اضافو ٿيو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي ڪورونا وبا دوران ڪامياب معاشي ۽ ڪاروبار دوست پا??يسين جي ڪري صنعتن جو ڦيٿو هلندو رهيو جنهن جي ڪري روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، پيداوار ۾ اضافي سان گڏوگڏ روانگي واپار ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، حڪومت صنعتن جي موجوده صلاحيت کي وڌائڻ ۽ بيمار يونٽس جي ??حالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي ۽ صنعتن ۾ روايتي شعبن کانسواءِ نئين شعبن جي ??موليت يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جو مقصد درآمدي متبادل ۽ برآمدات ۾ اضافو ڪرڻ آهي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ صنعتن جي فروغ جي ويزن موجب صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ملڪي صنعتي پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ صنعتن جي لاءِ سهولتن جي فراهمي ۽ ايندڙ رڪاوٽن جو خاتمو يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم ملڪي انڊسٽريل بيس وڌائڻ جي لاءِ قدمن کي ??يز ڪرڻ، لاڳاپيل حڪومتي ادارن کي گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ ان حوالي سان هڪ ٺوس پئڪيج تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.