اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي س??ن ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙ??ڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جابراڻي پاليسين جي ڪ??ي اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشمير?? عوام اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشمير?? عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي پڪو يقين آهي ته ڪشمير?? عوام ڀارت جي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي جي خلاف ان جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ سرخرو ٿيندي. هن چيو ته اسان ڪشمير?? عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙ??ڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪ??ي اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، بدقسمتي س??ن ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آهي جنهن کي عالمي ذميوارين جو ادراڪ نه آهي، اهي انتهاپسند ماڻهو آهن ۽ آر ايس ايس جي فلسفي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو واحد رستو آهي.