اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي محسن پاڪستان ۽ ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبد??لق??ير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ وقتي صدر چيو ته مرحوم جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو ۽ مل??ي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ مرحوم سائنسدان عبد??لق??ير ج??ن خدمتون س??راهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر عبد??لق??ير خان جي خدمتن تي پوري قوم کي فخر آهي. مل?? جي لاءِ ڊاڪٽر عبد??لق??ير جي اڻٿڪ خدمتن کي سدائين س??راهيو ويندو. پوري قوم سندس لاڏاڻي تي ڏکويل آهي. وقتي صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بلند فرمائ?? ۽ ??کويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته مرحوم ائٽمي سائنسدان عبد??لق??ير جي جنازي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي. جنازي نماز ۾ وقتي صدر محمد صادق سنجراڻي پڻ شرڪت ڪندو. سينيٽ جي دپٽي چيئرمين سينيٽر مرزا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ ائٽمي سائنسدان عبد??لق??ير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي.