اسلام آباد/نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افعانستا?? ۾ ??نساني ۽ معاشي بحران، عالمي برادري جي فوري ڌيان جا گهرجائو آهن، پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پرڏيهي وزير ريڊ ڪراس بابت عالمي ڪميٽي جي صدر پيٽر مورڪي سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي افغانستا?? ۾ ??نساني بحران ۽ عالمي سطح تي مدد جي فراهمي جي حوالي سان مختلف رخن تي خ??الن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، هن چيو ته پاڪستان سالن کان افغانستا?? ۾ ??اري ريڊ ڪراس عالمي ڪميٽي جي خدمتن جو اعتراف ڪري ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران عالمي برادري جي فوري ڌيان جو گهرجائو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي مالي ۽ انساني امداد نه رڳو انهن کي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد فراهم ڪندي پر ا??غاني?? ۾ ??عتماد سازي لاءِ بهترين قدم ٿي سگهي ٿو، افغانستان ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ ناڻي واڌ جي پيش نظر ا??غانستان جا منجمند اثاثا کولڻ انهن جي وقت سر ا??داد جي برابر ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان افغانستا?? ۾ ??نساني بنيادن تي امدادي سامان جي پهچ هوائي ۽ زميني رستن جي ذريعي جاري رکي آهي، پرڏيهي وزير ريڊڪراس عالمي ڪميٽي جي صدر کي افغانستا?? ۾ ??نساني بنيادن تي مدد جي فراهمي لاءِ پاڪستان پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.