اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي ??يماري جي ??دت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي ??المي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جاري ڪرڻ جي ??قريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته هر انسان جي ??واهش هوندي آهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي ??خري حصي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چيو ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي ??يماري جي ??دت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ??ريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چيو ته ميڊيڪل جي ??عليم ۾ مورو??ي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبو?? آهي، خاندان جي ??زرگن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بزرگن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي ??حت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته معاشري ۾ صحت جي ??هولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون، بزرگن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت آهي، الزائمر جي ??ڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي ??ارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريضن جي ??ارسنڀال ڪندڙن جي ??ربيت به ضروري آهي، پنجاب جي ??حت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد پنهنجي ??طاب ۾ چيو ته پنهنجي ??زرگن جو خيال رکڻ اسان جي ??ين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي ??در ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.