اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغ??نس??ان ۾ ٺوس حڪومت قائم ڪرڻ جي لاءِ هن طالبان سان ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٺوس حڪومت پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغ??نس??ان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي. هن اها ڳالهه ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽس ۾ چئي آهي. وزيراعظم چيو ته دوشنبي ۾ افغ??نس??ان جي پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن خاص طور تي تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ڊگهي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ هن هڪ شموليتي حڪومت جي لاءِ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ برادري جي افغان حڪومت ۾ شموليت جي لاءِ طالبان سان ڳالهين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته 40 سالن جي ويڙهه کانپوءِ (انهن ڌڙن جي اقتدار ۾) شموليت هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان جي ضامن هوندي جيڪا رڳو افغ??نس??ان ئي نه پر خطي جي به مفاد ۾ آهي.