اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته اڳوڻي وز??را??ظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٺڪاڻا ناهن، پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، ٻين جي جنگ وڙهي پ??هنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وز??را??ظم طور منهنجي ذميداري پ??هنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي، افغانستان هن وقت تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي. اربع ڏينهن آمريڪي نشرياتي اداري ”سي اين اين“ کي انٽرويو ڏيندي وز??را??ظم عمران خان چيو ته هو سمجهي ٿو ته افغانستان هڪ تاريخ جي مشڪل چوواٽي تي آهي، اسان جي دعا آهي ته اهو 40 سالن کانپوءِ امن جي راهه تي هلي پ??ي، جيڪڏهن طالبان سمورن ڌڙن کي گڏ کڻي حڪومت ٺاهين ته اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ان جي ابتڙ جيڪڏهن ٻيو رستو اختيار ڪيو ويو ته هڪ تمام وڏو انساني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته جنهن مقصد لاءِ آمريڪا افغانستان آيو هو اهو عالمي دهشتگردن جو خاتمو ٿو، وز??را??ظم چيو ته افغانستان غير مستحڪم ٿيڻ جي صورت ۾ امڪان آهي ته افغانستان ٻيهر دهشتگردن جي لاءِ محفوظ ٺڪاڻو بڻجي سگهي ٿو، اسان اها اميد ۽ دعا ڪريون ٿا ته 40 سالن کانپوءِ هتي امن قائم ٿئي، تنهن هوندي به هن وقت افغانستان جي حوالي سان ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. وز??را??ظم عمران خان چيو ته افغانستان جي اها تاريخ رهي آهي ته ان کي ڪڏهن به ٻاهران ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي هتي عوام جي مرضي جي خلاف ڪا ڪٺ پتلي حڪومت عوام قبول ڪندي آهي، ان لاءِ ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران کيس مدد جي آڇ ڪرڻ گهرجي، عورتن جي حقن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته هو سمجهي ٿو ته اهو سوچڻ غلطي آهي ته ٻاهران ويهي ڪو افغان عورتن کي حق ڏئي سگهي ٿو، افغان عورتون طاقتور آهن ۽ کين وقت ڏنو وڃي، افغان عورتن کي پ??هنجي صلاحيتن موجب ڪم ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هن چيو ته پاڪستان ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شروع ۾ پاڪستان 50 لک افغان پناهگيرن کي پ??اهه ڏني، انهن ۾ حقاني قبيلي جا ماڻهو به هئا، ان قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو پاڪستان ۾ افغان پناهگير جي ڪيمپن ۾ پيدا ٿيا، آمريڪين کي حقاني نيٽ ورڪ جي باري ۾ معلوم نه هو ته اهو ڇا آهي، حقاني افغانستان جو پشتون قبيلو آهي، وز??را??ظم چيو ته پاڪستان جي ڪل بجيت 50 ارب ڊالر آهي جيڪا 22 ڪروڙ ماڻهن تي خرچ ٿئي ٿي، پاڪستان ڪيئن وڌيڪ ڪنهن جنگ جي سٽ سهي سگهي ٿو، وز??را??ظم چيو ته آمريڪا جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ شموليت تي پاڪستان کي وڏو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 150 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو، اڳوڻي وز??را??ظم بينظير ڀٽو هڪ دهشتگرد حملي ۾ فوت ٿي، وز??را??ظم چيو ته نائين اليون کانپوءِ آمريڪا جو اتحادي بڻجڻ تي پاڪستان جي خلاف گهٽ ۾ گهٽ 50 عسڪريت پسند گروه حملا ڪري رهيا هئا، ان سڀني جي باوجود آمريڪا به پاڪستان تي 480 ڊرون حملا ڪيا، شايد ئي ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته ڪنهن ملڪ پنهنجي اتحادي ملڪ تي حملا ڪيا هجن. وز??را??ظم پاڪ سرزمين تي دهشتگردن جي محفوظ ٺڪاڻن جي سختي سان ترديد ڪندي چيو ته پاڪ افغان سرحد تي ڊرون جهازن سان سخت نگراني ڪئي پئي وڃي، وز??را??ظم چيو ته ٻين جي جنگ وڙهي پ??هنجي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي سٽ نٿا سهي سگهون، وزو??را??ظم طور منهنجي ذميداري پ??هنجي ملڪ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي.