اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باباءِ قوم قا??داعظم محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان جو مقصد آهي. قا??داعظم محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قا??داعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. چوڌري فواد حسين چيو ته قا??داعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. باباءِ قوم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اڄ اسان جي مسئلن جو وڏو سبب ان ت??ليم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان ت??ريڪ انصاف جي حڪومت باباءِ قوم جي ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي خواب جي تعبير ڪندي.