اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان طالبان پاران ان خاطري جو خواهشمند آهي ته افغان سرزمين ان جي خلاف استعمال نه ٿيندي جيئن طالبان چين ۽ آمريڪا کي به خاطري ڪرائي آهي ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي، افغانستان ۾ افغان عوام جي مرضي جي حڪومت هجڻ گهرجي، پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? استنبول ۾ ٽي آر ٽي جي پروگرام ”اسٽريٽ ٽاڪ“ ۾ هڪ انٽرويو دوران ڪيو. هن چيو ته اسان کي به اهڙي طرح خاطري ڪرائي وڃي جهڙي طرح چين ۽ آمريڪا کي ڪرائي وئي آهي ته افغان حدون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿينديون. اها ڳالهه صدر پروگرام جي ميزبان پاران طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ دهشتگرد گروپن جي ٻيهر فعال ٿيڻ ۽ افغانستان ۾ نئين حڪومت سان ڪنهن شرط بابت پ??ڪس??ان جي موقف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ چئي. هن چيو ته طالبان چين ۽ آمريڪا کي خاطري ڪرائي هئي ۽ پ??ڪس??ان لاءِ به اها ئي اميد آهي، انهي اصول تي مون کي اميد آهي ته افغانستان جي نئين حڪومت پ??ڪس??ان سان به اهڙي طرح جو طرز عمل اختيار ڪندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي منشور ۾ مقرر ڪيل عالمي قدرن ۾ به انهي رويي جي حمايت ڪئي وئي آهي. دهشتگردن جي روڪٿام بابت هن چيو ته پ??ڪس??ان افغانستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائي آهي، طالبان کي افغان عوام جو حقيقي نمائنده تسليم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ صدر چيو ته حڪومت ٻين ملڪن جي مشاورت سان ڪو به فيصلو ڪندي، پهري?? اسان کي ان پي??ا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻو آهي. طالبان جو پ??ڪس??ان جي اعتماد جوڳي هجڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ جيڪا به حڪومت اقتدار ۾ هجي اسان ان تي اعتماد ڪريون ٿا ڇو ته پاڙيسري جي حيثيت سان امن يقيني بڻائڻو آهي. هن افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کي جلد بازي قرار ڏيندي چيو ته پ??ڪس??ان سدائين آمريڪا کي چيو ته جنگ نه پر ڳالهيون ئي بهترين حل آهي، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ويٽنام جنگ يا افغانستان ۾ سوويت مداخلت کانپوءِ پي??ا ٿيندڙ انساني صورتحال ج?? نتيجي کي وساريو ويو. صدر چيو ته افغانستان جي صورتحال جي لاءِ پ??ڪس??ان کي ذميدار بڻائڻ فيشن بڻجي چڪو آهي تنهن هوندي به هن واضح ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا صورتحال پي??ا ٿي اها دنيا جي سامهون آهي، آمريڪا افغانستان ۾ 20 سال قيام دورا?? 2 کرب ڊالر خرچ ڪيا آهن ۽ ترقي لاءِ سوين ارب سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته بليم گيم ۽ قرباني جو ٻڪرو تلاش ڪرڻ آسان آهي، جنگ سٽيل ملڪ ۾ استحڪام جي حوالي سان پ??ڪس??ان جي ڪردار بابت صدر چيو ته پ??ڪس??ان افغانستان ۾ امن جي بحالي جو خواهشمند آهي ۽ پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار سبب افغانستان کانپوءِ پ??ڪس??ان سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو آهي. افغانستان ۾ امن جي بحالي کانپوءِ پ??ڪس??ان ڪاميابي حاصل ڪندڙ وڏو ملڪ هوندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته مسئلا تيزي سان حل ڪيا ويندا، هن چيو ته پ??ڪس??ان 40 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، ان قدم کي افغان عوام کي خيرخواهي جي جذبي طور ياد رکڻ گهرجي. هن چيو ته پ??ڪس??ان خطي ۾ ترقياتي ايجنڊا تي عملدرآمد لاءِ چين، روس، ترڪي ۽ آمريڪا سان رابطي ۾ آهي، هن چيو ته ڀارت سازشي جو ڪردار ادا ڪر رهيو آهي ۽ ان کي پ??ڪس??ان جي خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمي?? استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن ترڪي سان ٻطرفي دفاعي تعاون تي اعتماد جو اظهار ڪيو تنهن هوندي به صلاحيتن مان فائدي لاءِ معاشي لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافي تي زور ڏنو، هن ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي بابت پ??ڪس??ان جي قدمن تي ترڪي پاران اڻٽر حمايت جو به ذڪر ڪيو جتي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن.