اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽن ڏينهن جي دوري تي استنبول پهچي ويو آهي. استنبول جي گورنر علي يرلڪايا، اعليٰ ت??ڪ عملدارن ۽ ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير سائرس قاضي اتاترڪ ايئرپورٽ تي صدر جو ا??تقبال ڪيو.
صدر جي آمد تي ترڪ ??ٿياربند فوج جي دستي پاران کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. صدر ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪر?? رهيو آهي. پنهنجي قيام دوران صدر ترڪي جي صدر سان ملاقات ڪندو.
ٻئي صدر پاڪستان نيوي لاءِ ترڪي پاران تيار ڪيل پهرئين ملجم ڪلاس ڪوريٽ جو افتتاح به ڪندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جي فروغ لاءِ صدر مشهور ترڪ ??اپارين سان ملاقاتون به ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آهن ۽ صدر جو ترڪي جو دورو ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو.