اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ س??ئنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ??ائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪورونا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ??ائون جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ??يو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ??ائون ??يو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورونا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پوري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.