اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ا??ان ڪشمير جي لا??ِ چار جنگيون وڙهيون آهن، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن قو?? جي الحاق جي لا??ِ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن نه ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿي رهيون آهن، ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جي حقن جي پائمالي ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين ??ان گڏ آهي ۽ رهندو. ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڪشمير استحصال ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪشميري عوام ا??ان جي جسم جو حصو آهن، ا??ان جي دل ڪشميري عوام ??ان گڏ ۽ انهن جي دل ا??ان ??ان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين ??ان ا??ان جا رشتا، ناطا آهن ۽ اهي ا??ان جي خاندان جو حصو آهن، ا??ان ڪشميرين جي لا??ِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، ا??ان ڪشمير جي لا??ِ پنهنجو تن من ڌن لڳائي ??ڪا آهيون. هن چيو ته اڄ ا??ان والاريل ڪشمير جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي طاقت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڀارت جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين جا حق پائمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته آر ايس ايس جو نظريو ڀارت ۾ هن وقت غالب اچي چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ظلم ۽ ڏاڍ ??ان ڪشميري قو?? جو حق نه ٿو کسي سگهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين ??ان گڏ آهي ۽ رهندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ??ان گڏ ڪشميري عوام ??ان يڪجهتي جي اظهار لا??ِ پرڏيهي آفيس کان پارليامينٽ هائوس تائين ريلي جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي صحافين ??ان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ صدر، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر ۽ عوام هن ريلي ۾ ڪشميري عوام کي اهو ٻڌائڻ لا??ِ موجود آهي ته ا??ان توهان جي پٺيان بيٺل آهيون. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عوام جا حق ا??ان جي لا??ِ ا??ان جي جانين کان به وڌيڪ اهم آهن. ا??ان جي معيشت، پرڏيهي پاليسي ڪشمير جي چوگرد ٺهي آهي ۽ انهي جذبي کي اڄ به اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪشميري عوام کي يقين هجڻ گهرجي ته دنيا جي پنجين وڏي قو?? انهن جي پٺيان بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جي لا??ِ آخري دم تائين وڙهندي. چوڌري فواد حسين چيو ته 5 آگسٽ جي قدم کي قبول ڪرڻ جي حوالي ??ان ڀارت جي خوش فهمي جلد ختم ٿي ويندي.