اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته زراعت ملڪي معيشت جو وڏو شعب?? آهي، ڪوريا پاران ان شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ تجربي جي مٽاسٽا سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورتي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ننڍن آبادگارن جي مجموعي آمدني ۾ بهتري ايندي. اها ڳالهه هن ڪوريا جي نائب وزير هورتائي وونگ جي سربراهي ۾ ڏکڻ ڪوريا جي رورل ڊيولپمينٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن شعبي (ڊي آر ڊي اي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪدني وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ?? موجوده گهڻ رخن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. وزيراعظم فصلن جي ل??ءِ مخصوص زرعي ٽيڪنالاجي جي ترقي، محقيقن ۽ آبادگارن جي صلاحيت ۽ تربيت جي فراهمي ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي جي حمايت ۾ ڊي آر ڊي اي جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ??طرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ل??ءِ مختلف شعبن ۾ تمام گهڻين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪندا. ڏکڻ ڪوريا جي نائب وزير پاڪستان ۽ ڪوريا جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي ۽ رورل ترقي ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران مسلسل تعاون جي عزم کي ورجايو.