اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??ملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۾ پارٽي فنڊز جي جاچ پڙتال لاءِ درخواستن جو جلد فيصلو ڪرڻ جي لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، اسڪروٽني ڪميٽي جو اجلاس به نه ٿيو ۽ نه ئي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي پارٽي فنڊنگ جاچ پڙتال جي لاءِ طلب ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي آخري ??ڌڻي تي جيڪو رڪارڊ پيش ڪيو ان ۾ ثابت ٿي چڪو آهي ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جا جمع ڪرايل اڪائونٽس جعلي آ??ن، اليڪشن ڪميشن آئيني ادارو آهي، ان جو احترام ڪريون ٿا پر اليڪشن ڪميشن کي ايڪٽ آف پارليامينٽ موجب چونڊون ڪرائڻيون آ??ن، اليڪشن ڪميشن وٽ اڪائونٽس جي جاچ پڙتال جو ڪيس هلي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن اسڪروٽني ڪميٽي ٺاهي جنهن جا بي شمار اجلاس ٿي چڪا آ??ن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان مطالبو آهي ته مخالف ڌر سان ٿيندڙ معاهدو ميڊيا سان به شيئر ڪ??ي ڇو ته مخالف ڌر معاهدي ڪري ڦري ??يندي آهي. هو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.