اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ازبڪستان، ڪيوبا، ويٽنام، بلغاريه ۽ ارجنٽينا جي نامزد سفيرن س??دون پيش ڪري ڇڏيون. ان س??سلي ۾ ايوان صدر ۾ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ نامزدس فيرن صدر کي پنهنجون س??دون پيش ڪيون. ان کانپوءِ هنن ڌار ڌار صدر سان ملاقاتون به ڪيون. ان مو??عي تي ڳالهائيندي صدر عارف علوي چيو ته واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ سمورن دوست ملڪن سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، گڏيل فائدن لاءِ سياسي معاشي ۽ ثقافتي سطح تي دوست ملڪن سان لاڳاپن کي فروغ ڏنو وڃي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير پاڪس??ان سان س??اسي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. صدر چيو ته پاڪس??ان دنيا کي درپيش مختلف چلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ دوست ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن نامزد سفيرن کي ملڪ جي اقتصادي صورتحال جي باري ۾ آگاهه ڪندي ٻڌايو ته پاڪستاني معيشت ڪورونا جي باوجود بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري رهي آهي، پاڪس??ان ۾ س??ڙپ??اري جي وڏا موقعا موجود آهن، دنيا پاڪستاني معڪيشت جي مختلف شعبن ۾ س??ڙپ??اري ڪري ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻي.